ٺڪراٺو : ميڊيا تي مدي خارج دوائون وڪرو ٿيڻ جون خبرون هلڻ بعد صحت کاتي سکر پاران نوٽيس وٺي ڇڏيو اسٽور مالڪ کي چوويهن ڪلاڪن اندر سندن آڏو پيش ٿي وضاحت ڪرڻ لاء پابند بڻائي ڇڏيو،ٺڪراٺو( رپورٽ ) شھر ۾ ميڊيڪل اسٽورن تي مدي خارج دوائون وڪرو ٿيڻ جي انڪشاف جون خبرون ميڊيا تي هلڻ بعد صحت کاتي سکر جي ڊرگ انسپيڪٽر ميڊم شفق چاچڙ صاحبه نوٽيس وٺي ميڊيڪل اسٽور مالڪ دانش آرائين خلاف ايڪسپلينيشن ليٽر 30/32 جاري ڪري ڇڏيو اسٽور مالڪ کي چوويهن ڪلاڪن اندر سندن آڏو پيش ٿي وضاحت ڪرڻ لاء پابند بڻائي ڇڏيو پيش نه ٿيڻ جي صورت ۾ ميڊيڪل اسٽور جو لائسنس رد ڪري ان خلاف قانوني ڪارروائي ڪرڻ جو نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو ياد رهي ته ڪالھ هڪ ڳوٺاڻي قمرالدين مهر کي ايڪسپائر انجيڪشن بوش ڪمپني جي ( فورٽازم 1Gm ) ڏني جنهنجو مدو 09/ 2022 تي پورو هو ڳوٺاڻي پاران ميڊيڪل اسٽور مالڪ سان رابطو ڪرڻ تي اسٽور مالڪ چيو ته ان ۾ اسان جو ڪو ڏوھ ناهي اها ڪمپني کان ئي ايڪسپائر آهي جنهن بعد ڳوٺاڻي پاران ويڊيو بيان ذريعي صحت کاتي ۽ اعلي اختيارن کي نوٽيس وٺي ڪري انسان ذات لاء هاڃيڪار اهڙن ماڻھن خلاف قانوني ڪارروائي ڪرڻ جي اپيل ڪئي هئي جنهن بعد صحت کاتي سکر پاران اهو نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي
