ڪنڌڪوٽ: تنگواڻي لڳ ھٿياربندن جو موٽرسائيڪل ڦر جي ڪوشش مزاحمت تي نوجوان کي گوليون ھڻي زخمي ڪري موٽرسائيڪل ڪاھي فرار ٿي ويا

ڪنڌڪوٽ ڊسٽرڪٽ رپورٽر تنگواڻي لڳ ھٿياربندن جو موٽرسائيڪل ڦر جي ڪوشش مزاحمت تي نوجوان کي گوليون ھڻي زخمي ڪري موٽرسائيڪل ڪاھي فرار ٿي ويا پوليس نه پھتي زخمي اسپتال داخل،تنگواڻي جي ڊيرا سرڪي پوليس ٿاڻي جي حد تنگواڻي_سوڪڙ لنڪ روڊ تي ڳوٺ آصف کوسو وٽ نامعلوم هٿياربندن پاران پورهيت عبدالرحيم بمبل کان موٽرسائيڪل ڦر دوران مزاحمت تي ٽنگن ۾ گوليون هڻي زخمي ڪرڻ بعد موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي ويا اھڙو اطلاع تنگواڻي پوليس کي ڏنو ويو پر واقعي جي اطلاع باوجود پوليس نہ پهتي،زخمي واقعي واري هنڌ پيل وارثن زخمي کي اسپتال کڻائي آندو

پنھنجي راءِ لکو