ڪنڌڪوٽ :غوثپور پوليس جي مبينه مقابلي ۾ ٻھ ڏوھاري مارجي ويا

ڪنڌڪوٽ ڊسٽرڪٽ رپورٽر، غوثپور پوليس جي مبينه مقابلي ۾ ٻھ ڏوھاري مارجي ويا۔ پوليس ذريعن پاران مليل تفصيل موجب شھر ڀرسان مئن انڊس ھا۽ وي تي دودو کبڙ واري علائقي ۾ ھٿياربند ڏوھاري رستي ويندڙ مسافرن کان موٽرسائيڪلون ڦري فرار ٿي ڪچي طرف وڃي رھيا ھئا ته گشتي پوليس اطلاع ملڻ تي سندن پيڇو ڪيو ته ھنن پوليس مٿان سڌي فائيرنگ ڪري ڏني پوليس طرفان ڪيل جوابي فائيرنگ ۾ ٻئي ڏوھاري ٿڏي تي مارجي ويا جن جي سڃاڻپ اسد الله ۽ مير شيخ طور ٿي آھي۔ پوليس ٻنھي ڏوھارين جي لاشن کي کڻي سندن پوسٽ مارٽم لا۽ سول اسپتال ڪنڌڪوٽ رواني ٿي ويئي آھي۔ ٻئي پاسي علائقي ۾ چئو ٻول آھي ته ٻئي ڄڻه پوليس ڪجھ ڏينھن اڳ گرفتار ڪري اڻ ڄاتل ھنڌ لڪائي رکيا ھئا جن کي فل فرائي ڪري مقابلو ڄاڻايو ويو آھي۔۔

پنھنجي راءِ لکو