ڪنڌڪوٽ ڊسٽرڪٽ رپورٽر ،ڊپٽي ڪمشنر منور علي مٺياڻي جي صدارت هيٺ تعليم کاتي جي عملدارن سان ڊي آر او سي گڏجاڻي ٿي، گڏجاڻي ۾ سي ايم او نزاڪت ڏهاڻي ڊي او سيڪينڊري، پرائمري سيڪينڊري مڙهني ٽي اوز ۽ تعليم کاتي سان لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي ماهوار گڏجاڻي دوران غير حاضر استادن، اسڪولن اندر بنيادي سهولتون هجڻ بند پيل اسڪولن ايس ايم سي فنڊس جي آڪائوٽ اوپنينگ نياڻين کي ملندڙ وظعيفن ۽ ٻين مسئلن تي غور وچار ڪيو ويو۔ ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور جو چوڻ هو ته تعليم کاتي جي ملازمن جي حاضري کي يقيني بڻائڻ ۽ مانٽرينگ ٽيم پاران غير حاضر استادن توڙي عملي جي غير حاضري جي انگ اکر رڪارڊ فراهم ڪجن ته جئين غير حاضر استادن ۽ عملي خلاف سخت قدم کنيا وڃن تعليم جي سڌاري لاءِ ھر ممڪن اپاءَ ورتا پيا وڃن تعليمي کاتي جا عملدار اسڪولن ۾ استادن ۽ شاگردن جي حاضري يقيني بڻائڻ لاءَ پنھنجو ڪردار ادا ڪن ته جيئن سرڪاري اسڪولن ۾ تعليم وڌيڪ بھتر ٿي سگھي .
