سکر:آزاد ورڪر پينل سکر موٽر ورڪس ايسوسي ايشن جي اجلاس ۾ شريڪ اڳواڻ

سکر :آزاد ورڪر پينل سکر موٽر ورڪس ايسوسي ايشن جي صدر محمد نعيم مغل چيو آھي ته تاج محمد شيخ ۽ سندس ڪابينا جي حلف برداري تقريب سياسي شوهو جنهن ۾ مسترين بجاء سياسي ورڪر ۽ شھري شامل هيا اهڙو اظهار هن سندس صدارت هيٺ بس ٽرمينل لڳ ڊينٽر پينٽر مڪينڪ ڪالوني آباد جاڳير سکر ۾ ٿيل اجلاس کي خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو ان موقعي تي شھزاد کوکر۔محمد اڪرم مستوئي۔غلام نبي مهر۔هدايت الله بلوچ ۽ ٻيا پڻ موجود هيا نعيم مغل۔اڪرم مستوئي۔ شهزاد کوکر ۽ هدايت الله بلوچ جو وڌيڪ چوڻ هو ته سکر موٽر ورڪس ايسو سي ايشن جي ٿيل چونڊن کي عدالت ۾ چيلنج ڪيو آھي سنڌ هائي ڪورٽ سکر جو فيصلو اچڻ کان اڳ ئي نام نهاد اڳواڻن سياسي شو ڪري پاڻ مرادو حلف برداري ڪئي آھي جنهن کي رد ڪيون ٿا جڏهن ته مسترين جي اڪثريت چونڊ نتيجن کي قبول ناهي ڪيو سياسي اثر سبب پاڻ کي چونڊرايو آھي اسين سنڌ هائي ڪورٽ سکر جي سينيئر جسٽس سميت لاڳاپيل ادارن کي اپيل ٿا ڪريون ته عدالتي فيصلو اچڻ کان اڳ حلف برداري جو پاڻ مرادو نوٽيس وٺندي تاج محمد شيخ ۽ ٻين عهديدارن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري مسترين کي انصاف ڏياريو وڃي اڳواڻن جو وڌيڪ چوڻ هو ته تاج شيخ جي اهڙي غير قانوني عمل خلاف عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائينداسين ۽ اسان کي عدالت مان اميد آھي ته اسان اڳ به عدالتي جنگ وڙھي آھي تاج شيخ ويھ سالن مسترين جا حق کاڍا آھن پلاٽن ۾ ڪيل ڪرپشن جا ڪيس پڻ نيب۔اينٽي ڪرپشن ۽ عدالت ۾ هلي رهيا آھن۔اجلاس ۾ قمر عزيز۔عبدالغني۔عمران۔نويد۔علي خان ۽ ٻيا پڻ شريڪ هئا۔

پنھنجي راءِ لکو