سکر:ايف ايف سي انتظاميا جو ساراھ جوڳو قدم تازو برساتن بعد تباھ ٿيل گھرن جي تعميرات جو سلسلو بدستور جاري

سکر(بيورو رپورٽ)ايف ايف سي انتظاميا جو ساراھ جوڳو قدم تازو برساتن بعد تباھ ٿيل گھرن جي تعميرات جو سلسلو بدستور جاري ايف ايف سي انتظاميا جي برگيڊيئر محمد سليم چيما ڪرنل شجاعت منھاس ڪرنل شڪيل چٺا پي آر او امان الله شر ۽ احمد علي سومرو تي مشتمل ٽيم وڌيڪ ٻه درجن گھرن جي تعمير مڪمل ٿيڻ بعد چاٻيون مالڪن حوالي ڪري ڇڏيون۔ متاثرين پاران ايف ايف سي انتظاميا جي برگيڊيئر محمد سليم چيما ڪرنل شجاعت منھاس ڪرنل شڪيل چٺا پي آر او امان الله ۽ احمد علي سومرو جو شاندار استقبال مٿس گلن جي ورکا۔ ايف ايف سي انتظاميا جي انسان دوست برگيڊيئر محمد سليم چيما ۽ سندس ٽيم بي پھچ ماڻھن جي عملي مدد ڪري اسان جون دليون خوش ڪري ڇڏيون آهن ۔ايف ايف سي انتظاميا جي جيتري تعريف ڪجي سا گهٽ آهي متاثرين جون ميڊيا سان ڳالھيون ۔برساتن بعد متاثرين جي گھرن اسڪولن جي مرمت وارو سلسلو بدستور جاري آهي اڄ وڌيڪ ٽيويھ گھرن جي اڏاوت مڪمل ٿيڻ بعد چاٻيون مالڪن حوالي ڪيون ويون آهن ۔اسان جي ڪوشش آھي ته جلد کان جلد گھوٽڪي ضلعي جي عوام کي ھر ممڪن سھولت فراهم ڪيون برگيڊيئر محمد سليم چيما جون ميڊيا سان ڳالھيون تفصيل موجب حاليا برساتن بعد ڊسٽرڪٽ گھوٽڪي جي ھزارين خاندانن کي رليف فراهم ڪرڻ بعد گھوٽڪي ضلعي جي صنعتي اداري ايف ايف سي انتظاميا پاران متاثرين جي گھرن جي اڏاوت جو سلسلو بدستور جاري آهي گزريل ڏينهن پڻ ٻه درجن جي لڳ ڀڳ گھرن جي اڏاوت مڪمل ٿيڻ بعد ايف ايف سي انتظاميا جي برگيڊيئر محمد سليم چيما ڪرنل شجاعت منھاس ڪرنل شڪيل چٺا پي آر او امان الله شر ۽ احمد علي سومرو تي مشتمل ٽيم ايف ايف سي ويجھو ڳوٺ ڏنو ماڪو ڳوٺ ونگو ڳوٺ محمد بخش کوکر ڳوٺ حسين بخش ڪورائي ۾ پھچي متاثرين نظير احمد ، حضور بخش ، مسمات جمال محمد ابراهيم نور محمد ، مسمات فائزه ، پرديسي ، شڪيلا ، رميش ڪمار ريکا ٻائي شنڪر ، روشن ، شاھنواز ، محمد حسين ، آصف علي ، وزير علي ، عبدالواحد ، شفيع محمد خالد ، محمد بخش ، سميت ٻه درجن متاثرين کي گھرن جون چاٻيون حوالي ڪيون ان موقعي تي علائقي واسين پاران ايف ايف سي انتظاميا جي برگيڊيئر محمد سليم چيما ۽ سندس ٽيم جو شاندار استقبال ڪري مٿس گلن جي ورکا ڪري سنڌ جي ثقافت اجرڪ جا تحفا ڏنا ۽ معصوم ٻارڙن ۽ علائقي واسين پاران ايف ايف سي زندھ آباد جا نعرا ھنيا ان سلسلي ۾ متاثرين جو ميڊيا سان ڳالهائيندي چوڻ هو ته ھو ايف ايف سي انتظاميا جي انسان دوست آفيسر برگيڊيئر محمد سليم چيما جا انتھائي مشڪور اھن جنھن غريبن جي عملي مدد ڪري دل خوش ڪري ڇڏي آهي جنھن جي جيتري تعريف ڪجي سا گهٽ آهي جڏھن ته گھرن جون چاٻيون مالڪن حوالي ڪرڻ واري تقريب دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي برگيڊيئر محمد سليم چيما جو چوڻ هو ته حاليا برساتن بعد متاثرين جي گھرن جي اڏاوت اسڪولن جي مرمت ۽ بي پھچ ماڻھن جي نياڻين کي ڏاج ڏيڻ جو سلسلو بدستور جاري آهي ڪجھ ڏينھن اڳ پڻ پندرنھن گھرن جون چاٻيون مالڪن حوالي ڪيون ويون ھيون اڄ به ٽيوہھ گھرن جي اڏاوت مڪمل ٿيڻ بعد چاٻيون مالڪن حوالي ڪيون ويون آهن اسان جي ڪوشش آھي ته جلد کان جلد گھوٽڪي ضلعي جي عوام کي وڌيڪ ھر ممڪن سھولت فراهم ڪيون ھن جو وڌيڪ چوڻ هو ته گھرن جي تعمير ۽ اسڪولن جي مرمت جو ٻيون مرحلو پڻ جلد شروع ڪيو ويندو

پنھنجي راءِ لکو