سکر:مڪاني ادارن ۾ ٿيندڙ ڀرتين واري ڪيس جي سنڌهاءڪورٽ سکر بئنچ جي جسٽس صلاح الدين پنهور ۽ جسٽس عبدالمبين لاکو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ٻڌڻي ڪئي

سکر(بيورورپورٽ)مڪاني ادارن ۾ ٿيندڙ ڀرتين واري ڪيس جي سنڌهاءڪورٽ سکر بئنچ جي جسٽس صلاح الدين پنهور ۽ جسٽس عبدالمبين لاکو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ٻڌڻي ڪئي ٻڌڻي دوران مڪاني اداري سکر جو ريجنل ڊائريڪٽر علي انور رڪ پيش ٿيو عدالت ۾ دليل ڏنا عدالت ڌرين جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد ٻڌڻي 28 فبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي عدالتي احاطي ٻاهران ايڊووڪيٽ قربان ملاڻو جو چوڻ هو ته عدالت کي ٻڌايو ته ٽائون ڪاميٽيز ۽ ضلعي ڪائونسل ۾ بنا اي سينيز جي ڀرٿيون ڪيون پيون وڃن جيڪي غيرقانوني آهن ۽ خزاني جي مٿان بار وڌو پيو وڃي:عدالت پاران مڪاني اداري جي ريجنل ڊائريڪٽر علي انور رڪ کان پڇاڻو ڪيو ويو ته سال 2013 کان هيل تائين ٿيل بنا اجازت جي ڀرتيون جعلي ۽ غيرقانوني آهن جنهن جي جواب ۾ ريجنل ڊائريڪٽر علي انور رڪ عدالت ۾ اعترافي بيان ڏنوآھي وڪيل قربان ملاڻو جو وڌيڪ چوڻ هو ته عدالت مڪاني کاتي جي صوبائي سيڪريٽري کي سال 2013 کان هيل تائين ٿيل ڀرتين ۽ خالي جاين بابت رڪارڊ سميت ذاتي حيثيت ۾ 28 فيبروي تي پيش جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي۔

پنھنجي راءِ لکو