سکر(بيورورپورٽ)سکر جي آباد ٿاڻي پوليس جي بروقت ڪاروائي مقابلي بعد ٽي ڏوهاري گرفتار۔موقعي تي موجود ماڻهن سکر پوليس زنده باد جا نعرا هنيا۔تفصيل موجب سکر جي آباد ٿاڻي جي حد آرائين ريلوي ڦاٽڪ آرائين لنڪ روڊ هالار ميمڻ سوسائٽي لڳ موٽر سائيڪل ڦر ڪرڻ جو اطلاع ملڻ تي پوليس بروقت پهچي هڪ ڦورو کي سوگهو ڪري ورتو جڏهن ٻه ڦورو هالار ميمڻ سوسائٽي اندر ڀڄي ويا پوليس ڦورن جو پيڇو ڪندي سوسائٽي ۾ داخل ٿي وئي جتي ڦورن ۽ پوليس وچ۾ مقابلي بعد ٻن ڦورن کي به پڪڙي سندن قبضي مان هٿيار هٿ ڪري ورتا ڦورن ۽ پوليس وچ۾ هلندڙ فائرنگ سبب علائقي ۾ خوف هراس پکڙجي ويو جڏهن ته هلندڙ فائرنگ دوران پوليس باء پاس روڊ اچ وڃ لاء عارضي طور بند ڪري ڇڏيو هڪ ڪلاڪ جي مقابلي بعد پوليس ٽنهي ڦورن کي سوگهو ڪري ورتو پوليس جي اهڙي عمل جي حمايت ۾ موقعي تي موجود سوين ماڻهن سکر پوليس زنده باد جا نعرا هڻي کين شاباسي ڏني۔
