ڪنڌڪوٽ:4 ڏينھن اڳ غوثپور پوليس جي مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل غوثپور واسي 2 نوجوان اسد علي شيخ، ميرشيخ جي مارجي وڃڻ واري واقعي خلاف،احتجاج

ڪنڌڪوٽ ( رپورٽ عبدالخالق چاچڙ )،4 ڏينھن اڳ غوثپور پوليس جي مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل غوثپور واسي 2 نوجوان اسد علي شيخ، ميرشيخ جي مارجي وڃڻ واري واقعي خلاف شيخ برادري سميت سياسي، سماجي، مذھبي تنظيمن جي سڏ تي سوين ماڻھن غوثپور کان ريلي ڪڍي ڪنڌڪوٽ ايس ايس پي آفيس پھچي احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھڻي ويھي رھيا ناحق ماڻھون مارڻ بند ڪيو، پوليس گردي خلاف سخت نعريبازي ڪندي اڳواڻن بلخ شير شيخ، حاڪم علي شيخ، وڪيل عبدالغني بجاراڻي، مولوي جمال الدين اوڳاھي، سيد سھيل شاہ، مولوي خان محمد ملڪ، مولوي محمد ابراھيم خاڪي، ظريت ساگر بجاراڻي، دلمراد ڏاھاڻي، محمد اڪرم باجڪاڻي، سجاد بروھي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته پوليس پاران جڙتو مقابلو ڄاڻائي نوجوانن کي ناحق قتل ڪيو ويو آھي ان واقعي جو جوڊيشلي جاچ ڪرائي وڃي ٻن مقتولن جي قتل جي جاچ ۾ ايس ايس پي عرفان سمون کي به شامل ڪيو وڃي ۽ ايس ايس پي کي ھن ضلعي مان بدلي ڪيو وڃي ۽ مقتولن جي قتل جي جوڊيشلي جاچ ڪرائي ملوث اهلڪارن مٿان ڪيس داخل ڪيو وڃي جيستائین ملوث ایس ایڇ او سميت پوليس اھلڪارن کي گرفتار ڪري سندس مٿان ڪيس داخل نه ڪيو ويندو احتجاج جاري رھندو

پنھنجي راءِ لکو