سکر(رپورٽ محمد قاسم ملڪ )خيرپور ضلعي جي ٻٻرلوء ۾ قتل ٿي ويل عورت در بخت مغيري جي قاتلن جي عدم گرفتاري ۽ ٻٻرلوء پولس پاران تعاون نه ڪرڻ خلاف سکر نيشنل پريس ڪلب اڳيان مغيري برادري جو احتجاجي ڌرڻو ،
تفصيل موجب مغيري برادري جي ماڻهن نيشنل پريس ڪلب سکر اڳيان احتجاج ڪندي صادق مغيري۔اڪببر مغيري ۔حاڪم مغيري، حق نواز جتوئي، سليم جاگيراڻي، ۽ ٻين مظاهرين جو چوڻ هو ته ٻٻرلوء ۾ بي دردي سان قتل ٿي ويل عورت دربخت مغيري جا قاتل گرفتار ناهن ٿيا جڏهن حد پوليس مقتولا جي وارثن سان ڪوبه تعاون نه پئي ڪري عورت جو خون لوڙھڻ لاء ڪوششون ڪيون پيون وڃن اڳواڻن آء جي سنڌ ۽ ٻين اختيارن کان مطالبو ڪيو آھي ته مقتولا عورت جي قتل جي ايف آء آر وارثن جي فرياد تي داخل ڪري قتل ۾ ملوث سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ۽ تحفظ ڏياريو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو۔
