سکر : اپوا اسڪول سکر ۾ ڪشميرين سان يڪجهتي ۽ ڀارت جي ظلم خلاف اسڪول ۾ پروگرام منقعد ٿيو

سکر : اپوا اسڪول سکر ۾ ڪشميرين سان يڪجهتي ۽ ڀارت جي ظلم خلاف اسڪول ۾ پروگرام منقعد ٿيو. پروگرام ۾ شاگردياڻين ۽ شاگردن ڪشميري ڊريس پھري ٽيبلوز ڪيا. شاگردن تقريرن ڪندي ڪشميرين جي آزادي واري جدوجھد ۽ سندن قربانين کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي ـ پروگرام کي اسڪول جي پرنسپال عابده اشفاق ميمڻ خطاب ڪندي چيو تہ ڪشمير جي آزادي واري جدوجھد جي تحريڪ جي حمايت ڪيون ٿا اڄ جي ڏينهن تي اسڪول ۾ پروگرام منعقد ڪرڻ جو مقصد نئي نسل کي ڪشميرين سان ٿيندڙ ظلم کان آگاه ڪرڻ آهي . ان سان گڏ ڪشمير مسئلي جي پرامن حل لاء ٺھراء پيش ڪندا آھن ـ ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم ۽ ڏاڍ سبب ھي ڏھاڙو وڏي اھميت رکي ٿوـ جنھن جي ڪري ھر سال جي 5 فيبروري تي ڪشميرين سان ايڪي يا يڪجھتي جي اظھار طور ڪشمير ڏھاڙو سرڪاري سطح تي ملھايو وڃي ٿو. ھن ڏھاڙي تي خاص ثقافتي پروگرام ۽ فيسٽيول منعقد ڪرايي ڪشمير جي ثقافت ۽ ريتن رسمن ۽ رواجن کي اجاگر ڪيو ويندو آھي. 70 سال کان وڌيڪ عرصو گذرڻ جي باوجود ولاريل ڪشمير ۾ خودمختياري جي لاءِ ريفرنڊم ناهي ڪرايو ويو ۽ ان تي ڀارت جو قبضو بدستور برقرار آهي. ان عرصي ۾ اهو ڪهڙو ظلم هوندو جيڪو ڀارتي فوج ولاريل ڪشمير ۾ نه ڪيو هجي ۽ اڄ ڏينهن تائين هزارين ڪشميري شهيد ۽ لکين زخمي ٿي چڪا آهن جڏهن ته وڏي تعداد ۾ عورتن جي بي حرمتي به ڪئي وئي آهي. پر ڀارتي ظلم تي گڏيل قومون ۽ عالمي برادري خاموش تماشائي جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي

پنھنجي راءِ لکو