سکر(بيويورپورٽ) احتساب عدالت جيلن واري صوبائي صلاحڪار اعجاز جکراڻي ۽ ٻين خلاف ڌار ڌار داخل ٻن ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي ۔ ٻڌڻي دوران اعجاز جکراڻي ۽ ٻيا پيش ٿيا ۔عدالت 36 ڪروڙ روپين واري ريفرنس ۾ اعجاز جکراڻي سوڌو 13 جوابدارن خلاف ايندڙ 18 فيبروري تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جي تاريخ مقرر ڪري ڇڏي آهي. واضح رهي ته نيب اعجاز جکراڻي سوڌو 5 ڄڻن خلاف 74 ڪروڙ ۽ ٻيو ريفرنس 36 ڪروڙ روپين جو 13 ڄڻن مٿان داخل ڪرايل آهي۔
