سکر(رپورٽ محمد قاسم ملڪ )ملڪ جي ٻين شهرن جيان سکر ۾ به مختلف علائقن ۾ ڪشميرين سان يڪجهتي جون ريليون ڪڊي ڪشميري ڀائرن سان هر گهڙي گڏ رهڻ جو اظهار ڪيو، تفصيلات موجب گھنٽا گھر سکر کان جماعت اسلامي جي امير اسداللہ ڀٽو، اسٽيڊيم سکر گرائونڊ کان ڊي سي سکر، گلوپ چونڪ فڪس اٽ سکر، سماجي تنظيم حاظر سکر پاڪستان تحريڪ انصاف سنڌ جي جنرل سيڪريٽري مبين احمد جتوئي ۽ ٻين ڪشميرن سان ايڪي ۽ ٻدي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڪشمير جنت آهي ۽ ڪافرن لاءِ جنت حرام آهي، ڀارت لکين قربانين جي باوجود ڪشمير ۾ جاري آزادي جي جدوجهد کي ختم ناهي ڪري سگهيو ، دنيا ۾ جيستائين هڪ به مسلمان زندهه آهي ڪشمير جي آزادي لاءِ آواز اٿاريندي رهندو، جيستائين ڪشمير جي سرزمين کي آزاد نه ڪيو ويندو. والاريل ڪشمير جي عوام تي ٿيندڙ ظلمن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي ڪشميري مسلمانن جي اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکنداسين، ڪشميري عوام جي دلين ۽ دلين سان گڏ. عالم اسلام جا مسلمان ڪشميرين جي دل سان ڌڙڪن ٿا.
