سکر(رپورٽ يارمحمد سومرو)ملڪ جي ٻين شھرن جيان سکر ۾ به ضلعي انتظاميا سکر ڊپٽي ڪمشنر سکر جي اڳواڻي ۾ ميونسپل اسٽيڊيم کان سکر پريس ڪلب تائين ڪشمير ڊي ريلي ڪڍي وئي۽ مختلف سياسي سماجي۔مذھبي جمائتن پاران به ڪشمرين سان اظهار يڪجهتي ريليون ڪڍيون ويون پاڪستان مرڪزي مسلم ليگ سکر پاران شاهد صديقي۔فيصل مغل۔معشوق ميراڻي جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي جڏهن ته جمائت اسلامي ضلعي سکر جي ڪارڪنن مرڪزي نائب امير اسدالله ڀٽو۔ضلعي امير زبير حفيظ شيخ جي اڳواڻي۾ ريلي وئي اهڙي ريت پاڪستان سني تحريڪ۔سکر سمال ٽريڊرز۔جناح ويلفيئر ايسوسي ايشن سکر طرفان به ريليون ڪڍيون ويو ريلي ۾ايس ايس پي سکر سنگهار ملڪ به خصوصي شڪت ڪئي ريلين کي خطاب ڪني ڊپٽي ڪمشنر سکر ڊاڪٽر شھزاد طاهر ٿهيم ۔ايس ايس پي سکر سنگهار علي ملڪ۔ايس ڊي اي اڳواڻ حاجي جاويد ميمڻ۔پاڪستان مرڪزي مسلم ليگ سکر جي اڳواڻن شاهد صديقي۔فيصل مغل۔معشوق ميراڻي۔جمائت اسلامي مرڪزي اڳواڻ ايڊووڪيٽ اسدالله ڀٽو۔ضلعي امير زبير حفيظ شيخ۔پاڪستان سني تحريڪ سنڌ جو اڳواڻ مولانا نور احمد قاسمي۔جناح ويلفيئر صدر اصلاح دين شيخ ۽ ٻين جو چوڻ هو ته هندستاني حڪمرانن گزريل 70 سالن کان وڌيڪ عرصو گزرڻ باوجود ڪشمرين کي اقوام متحدا جي قرارداد مطابق حق خود اراديت ناهي ڏنو ويو جڏهن ته مودي سرڪار ته انسانيت جا ليڪا لتاڙيندي والاريل ڪشمير ۾ ظلم جي انتها ڪري ڇڏي آھي وڏي انگ ۾ ڪشميري بي گهر آھن لکين ڪشمرين کي شھيد ڪيو ويو آھي ۽ لکين زخمي ٿيا جڏهن ته هزارين عورتن جي بي حرمتي ڪندي کين قتل ڪيو ويو آھي۔پاڪستان جو ٻچو ٻچو ڪشميرين سان گڏ آھي ڪشميرين جي اخلاقي۔سفارتي همدريون جاري رکندو اڳواڻن جو ڌيڪ چوڻ هو ته پاڪ فوج ملڪ جي سرحدن جي حفاظت ڪري پئي ملڪ جو عوام پاڪ فوج سان گڏ آھي هاڻي اهو ڏينهن پري ناهي جو ڪشمير پاڪستان ٿيندو ۔ريلين ۾ شريڪ ڪارنن۔ اڳواڻن ۽شاگردن ۔وڪلين۔صحافين سميت وڏي انگ ۾ سول سوسائٽي جا فرد شامل هئا۔ڪشمير بني گا پاڪستان ۽ هندستان خلاف ڇتي نعري بازي پڻ ڪئي وئي۔
