ڪنڌڪوٽ (رپورٽ عبدالخالق چاچڙ ) پيپلز اسڪول ڪشمور ۾ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن ۽ غزالي ايجوڪيشن اسڪول ٽرسٽ پاران يوم يڪجهتي ڪشمير ڏهاڙو ملهايو ويو ڪشمير بني گا پاڪستان جي فلگ شگاف نعرن سان اسڪول جو احاطو گونجڻ لڳو
تفصيل موجب :- يوم يڪجهتي ڪشمير ڏهاڙي جي مناسبت سان ڪشمور جي سردارو لنڪ روڊ تي قائم پيپلز اسڪول ڪشمور ۾ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن ۽ غزالي ايجوڪيشن ٽرسٽ پاران يوم يڪجهتي ڪشمير ڏهاڙو وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو پروگرام جو مھمان خاص پروجيڪٽ مينيجر جنيد احمد سھتو، پروگرام جي صدارت پيپلز اسڪول ڪشمور پرنسيپال عامر حسين ڪلوڙ، ميڊم رخسانه نظير ڪئي پروگرام جي شروعات تلاوت قرآن پاڪ عامر حسن ۽ نعت مقبول رسول جي لاء عامر حسين ٻرڙو ڪئي وئي جنھن کان پوء اسڪول ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين شغفته ناز، انتظار مھندي، حبيب الله مسعود ۽ سڪندر علي کوسو ۽ ٻين ڪشمير سان يڪجهتي جو اظهار طور مختلف ٽيبلوز ۽ ڪشميري نغمن سان ڪيو ويو ٻارڙن پاران ڪشمير جي مظلوم عوام تي ٿيندڙ ظلم جي داستان پڻ ڏيکاريندي اسڪول ۾ موجود مهمانن ۽ استادن کي روئاري ڇڏيو اسڪول ۾ شاگردن جو ڪشمير جي آزادي لاءِ جذبو ڏسڻ وٽان هو سندس شاگردن ۽ استادن جو چوڻ جو ته ڪشمير پاڪستان جي حصو آهي ۽ ان تي قابض ڀارت جي فوج جيڪا ڪشميري عوام سان ظلم ۽ جبر ڪري ٿي انشاءﷲ اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن ڪشمير پاڪستان وٽ هوندو ۽ انهئي ڀارتي فوج کي گهلي ڪشمير جي مظلوم عوام سان ٿيندڙ ظلمن ڪو حساب وٺنداسين آخر ۾ پاڪستان ۽ ڪشمير جي ڀلائي لاءِ دعا گهري وئي ۽ پروگرام اختتام پذير ٿيو
