ڪنڌڪوٽ (ڊسٽرڪٽ رپورٽر )
بخشاپور ۾ مير رحمت الله خان ڊومڪي ۽ ڊپٽي انفارميشن سيڪريٽري PYO سنڌ امير تيمور خان ڊومڪي ۽ مير جنيد احمد خان ڊومڪي طرفان ڪشمور بخشاپور بڊاڻي ڪنڌڪوٽ تنگواڻي جي لاء مونا مدر ٽرسٽي طرفان غريبن ۽ مسڪينن جي لاء انسانيت خاطر هڪ دفعو ٻيهر ايمبولينس جو سهولت في سبيل الله ڏني وئي ۽ ايمبولنس جو افتتاح مير رحمت الله خان ڊومڪي ڪيو ان سان گڏ ٽائون چيئرمين بخشاپور محترم غلام عمر خان ڊومڪي، چيئرمين يوسي سمع وڏيره عظيم الله خان ڊومڪي هئا، مير رحمت الله خان ڊومڪي برسات کان وٺي هن وقت تائين غريب برسات متاثرين جي خدمت جاري رکي ۽ اڄ امير هائوس ۾ 4000 غريب ماڻهن ۾ اٽي جا بيگ مير رحمت الله خان ڊومڪي صاحب ۽ امير تيمور خان ڊومڪي جي نگراني ھيٺ امير ھائوس بخشاپور ۾ ورھايا ويا
