ڪنڌڪوٽ :تنگواڻي جي ڳوٺ محمد موسيٰ کوسو ۾ زمين تي قبضي خلاف بيواہ عورت مائي مورزادي بھلڪاڻي معصوم ٻارن سان گڏجي قبضو ڪندڙ ڏيرن ۽ سندس پٽن خلاف احتجاج ڪندي

ڪنڌڪوٽ ڊر؛ ڪنڌڪوٽ تنگواڻي جي ڳوٺ محمد موسيٰ کوسو ۾ زمين تي قبضي خلاف بيواہ عورت مائي مورزادي بھلڪاڻي معصوم ٻارن سان گڏجي قبضو ڪندڙ ڏيرن ۽ سندس پٽن خلاف احتجاج ڪندي چيو ته منهنجو مڙس ڪجھہ سال اڳ فوت ٿي ويو آهي جنهن بعد منهنجي ڏيرن ۽ سندس پٽن جنهن ۾ لال محمد، مير بيگ، نھال خان، عمران، رضا محمد، حميد، عبدالنبي، ھدايت اللّٰه، دوست محمد، رحمت اللّٰه ۽ ٻين قبضو ڪري فصل ڪرڻ نه ٿا ڏين ۽ موتمار ڌمڪيون ڏیئي رھيا آهن جنهن ڪري ميڊيا جي مدد سان ڊي سي ڪنڌ ڪوٽ، ايس ايس پي ڪنڌ ڪوٽ ۽ وس وارن کي اپيل ڪريون ٿا ته قبضي خورن جي خلاف ڪاروائي ڪري زمين حوالي ڪئي وڃي،

پنھنجي راءِ لکو