اسلام آباد: حڪومت آل پارٽيز ڪانفرنس جي تاريخ تبديل ڪري ڇڏي

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف طرفان گهرايل آل پارٽيز ڪانفرنس جي تاريخ تبديل ڪئي وئي آهي،سُڌ سماءُ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ دهشتگردي جي مسئلي تي گهرايل اي پي سي 7 بجاءِ 9 فيبروري خميس تي اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندي جنهن ۾ ملڪ جي سمورن قومي ۽ سياسي اڳواڻن کي گهرايو ويو آهي
مريم اورنگزيب موجب اي پي سي ۾ دهشتگردي ۽ پيش ايندڙ چيلنجز کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏيل حڪمت عملي جوڙي ويندي جڏهن ته نيشنل ايڪشن پلان تي به نظر ثاني ٿيندي ٻئي طرف پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته اسان جي پارٽي کي هن وقت تائين حڪومت طرفان اي پي سي ۾ شمولي،ت جو باضابطه دعوت نامو ناهي مليو، اسان کي جيڪڏهن باقاعده دعوت نامو مليو ته هن ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ مشاورت ڪنداسين

پنھنجي راءِ لکو