اسلام آباد: وفاقي وزير قانون اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته ڪوبه آئيني ڪم ان سبب ڪري غير آئيني ناهي هوندو ته اهو مقرر مدي ۾ ناهي ٿيو. 90 ڏينهن کان پوءِ ٿيندڙ چونڊن لاءِ قانونسازي جي ضرورت نه پوندي،اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهين دوران اعظم نذير تارڙ کان سوال ڪيو ويو ته 90 ڏينهن کان پوءِ صوبائي اسيمبلين جون چونڊون ٿيون ته ان جي آئيني حيثيت ڪهڙي هوندي؟ ان تي قانون بابت وفاقي وزير چيو ته آئيني ڪم جا مقرر مدي ۾ مڪمل نه ٿيڻ جا سبب هجڻ گهرجن اعظم نذير تارڙ چيو ته 90 ڏينهن کان پوءِ ٿيندڙ چونڊن جي لاءِ قانونسازي جي ضرورت نه پوندي پر لاڳاپيل ادارن کي چونڊون وقت تي نه ٿيڻ جا پڪا ثبوت ڏيڻا پوندا وفاقي وزير چيو ته ڪوبه آئيني ڪم ان سبب جي ڪري غير آئيني ناهي هوندو ته اهو مقرر مدي ۾ ناهي ٿيو. آئين سان اهڙي مذاق نه ٿيڻ گهرجي. آئين ۾ شق آهي ته آئيني ڪم مقرر مدي ۾ نه ٿيڻ جا پڪا ثبوت هجڻ گهرجن
