ڪراچي: سنڌ ڪابينه ترڪيه جي زلزلي متاثرين لاءِ هڪ لک ٽينٽ ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

ڪراچي: سنڌ ڪابينه ترڪيه جي زلزلي متاثرين لاءِ هڪ لک ٽينٽ ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. سنڌ حڪومت جي ترجمان موجب صوبائي ڪابينه جي اجلاس ۾ ترڪيه جي زلزلي متاثرين لاءِ هڪ لک ٽينٽ ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي ڪابينه جي اجلاس ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته ترڪيه جي عوام سنڌ جي ٻوڏ متاثرين لاءِ تڪڙي امداد ڏني هئي. اسان ترڪيه جي عوام کي هن مشڪل وقت ۾ اڪيلو نٿا ڇڏي سگهون اجلاس ۾ ڪابينه صحت کاتي جي نان پروموشنل پوسٽ جي ملازمن کي ٽائيم اسڪيل ڏيڻ جو فيصلو به ڪيو. ترجمان موجب اهو ٽائيم اسڪيل 5.12.19 ۽ 27 سالن جي سٺي سروس تي ڏنو ويندو. مذڪوره ٽائيم اسڪيل گريڊ بي ايس هڪ کان 15 جي ملازمن کي ڏنو ويندو

پنھنجي راءِ لکو