ڪنڌڪوٽ:ھڪ ھفتو اڳ انڊس هاءِ وي تي دودو کبڙ ڀرسان غوثپور پوليس جي مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل 2 پورھيتن اسدﷲ شيخ، مير شيخ جي وارثن انصاف نه ملڻ تي مئن انڊس ھا۽ وي بلاڪ ڪري ڇڏيو آھي۔

ڪنڌڪوٽ ڊسٽرڪٽ رپورٽر ،ھڪ ھفتو اڳ انڊس هاءِ وي تي دودو کبڙ ڀرسان غوثپور پوليس جي مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل 2 پورھيتن اسدﷲ شيخ، مير شيخ جي وارثن انصاف نه ملڻ تي مئن انڊس ھا۽ وي بلاڪ ڪري ڇڏيو آھي۔ مارجي ويلن جي وارثن ۽ جي يو آء غوثپور جي امير سھيل احمد شاھ، مولانا جماالدين اوڳاھي۔ سعادالله اوڳاھي ۔ بلڪ شير شيخ۔ نذير احمد شيخ۔ ڊاڪٽر نثار شيخ ۽ ٻين سياسي توڙي سماجي اڳواڻن انڊس هاءِ وي بلاڪ ڪري احتجاجي مظاهرو ۽ ڌرڻو ھڻي ڪشمور پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي۔
مقتولن جي وارثن دانھيندي چيو ته ڪشمور وليس معمولي چوري جي الزام ھيٺ اسانجي ٻن ڳڀرو نوجوانن کي قتل ڪيو آھي ۽ انھن جي جوڊشنل انڪوئري ڪرائڻ لا۽به تيار ناھن۔ پوليس واقعي ۾ ملوث ايس ايڇ او احمد نواز جکراڻي کي بچائڻ لا۽ نڪيس کي اينگھائي رھي آھي۔ مارجي ويلن جي وارثن انصاف لاء آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو کان انصاف جو مطالبو ڪيو ته اسان جي ناحق قتل ٿل نوجوانن جي معاملي جي شاف ۽ صفاف انڪوائري ڪرائي وڃي ۽ واقعي ۾ ملوث ڪردارن کي قانون جي ڪٽھري ۾ آندو وڃي۔ ٻئي پاسي روڊ بلاڪ ٿيڻ سبب سنڌ، پنجاب کان ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي سوين ماڻهن کي ڪيترين ئي تڪليفن کي منهن ڏيڻو پئجي ويو۔

پنھنجي راءِ لکو