ٺڪراٺو : عطائي ڊاڪٽرن صحت کاتي کي کنگهيو ئي نه ڪجھ ڏينهن اڳ ٺڪراٺو ۾ ڊرگ انسپيڪٽر پاران سيل ڪيل ميڊيڪل اسٽور عطائن تالا ٽوڙي ٻيھر کولي ڇڏيا ۽ مدي خارج دوائون وڪرو ڪرڻ جو سلسلو جاري سڄاڻ ڌرين پاران افسوس ۽ تعجب جو اظهار
ٺڪراٺو ( رپورٽ ) ٺڪراٺو ۾ ڊرگ انسپيڪٽر سکر پاران سيل ڪيل ميڊيڪل اسٽورز ھڪ ڀيرو ٻيھر کُلي ويا آھن ھڪ ھفتو اڳ ڊرگ انسپيڪٽر ميڊم شف شفيع شھرين پاران ميڊيڪل اسٽورز تي مدي خارج دوائون وڪرو ڪرڻ واري شڪايتن تي اوچتو ڇاپا ھنيا ويا ھئا ڇاپي دوران دانش آرائين ۽ انيل ڪمار جي ميڊيڪل اسٽورن تان وڏي مقدار ۾ مدي خارج دوائون ھٿ ٿيون ھيون ۽ اسٽورن کي سيل ڪيو ويو ھيو جنھن کانپو۽ ڊرگ انسپيڪٽر پاران سيل ڪيل ميڊيڪل اسٽور مالڪن پاران بنا اجازت جي تالا ٽوڙي کولي ڇڏيا آھن جڏهن اسٽور مالڪان کان ميڊيا پڇا ڪئي ته انهن ٻڌايو ته اسان کي ڊرگ انسپيڪٽر پاڻ اجازت ڏني آهي اسٽور کولڻ جي هوڏانهن ڊرگ انسپيڪٽر سکر سان رابطو ڪرڻ تي ان ٻڌايو ته اسان پاران ڪا به اجازت ناهي ڏني ويئي ۽ انهن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي
شھر اندرهڪ دفعو ٻيهر سريعام مدي خارج دوائون وڪرو ٿيڻ وارو ڪاروبار شروع ٿي ويو آھي ھتان جي سڄاڻ شھرين صحت کاتي سکر کان مطالبو ڪيو آھي مدي خارج دوائون وڪرو ڪندڙ اسٽورز مالڪن خلاف موثر ڪارروائي ڪئي وڃي ته جيئن انساني زندگيون ضايع ٿيڻ کان بچي سگھن.
