ڪنڌڪوٽ رپورٽ عبدالخالق چاچڙ ضلعي ڪشمور م اغوا ڦر چورين م اضافو ٿيڻ تي ايس ايس پي ڪشمور عرفان علي سمون ھڪ ھنگامي ميٽنگ گھرائي وئي جنهن ۾ ڊي ايس پي ء مختلف ٿاڻن جي ايس ايڇ او سميت ٻيا شريڪ ٿيا گھوٽڪي ڪنڌڪوٽ پل جو ڪم ٻيھر شروع ڪيو ويو مختلف ٿاڻن جي پوليس ساڻ ڪري خير شاھ م مھمداڻي گينگ جي ڏوھارين خلاف آپريشن ڪيو ويو پوليس ڏوھارين جي گهرن کي ڊاھي پٽ ڪري ڇڏيون ء ڪکاون گهرن کي پڻ ساڙيو ويو شڪ جي بنياد تي ماڻھن کي گرفتار ڪري نامعلوم ھنڌ منتقل ڪيو ويو آهي جنهن کان پڇا ڳاڇا جاري آهي رابطي ڪرڻ تي ايس ايس پي ڪشمور عرفان علي سمون اي ڊي اين نيوز سان ڳالھائيندي چيو ته گھوٽڪي ڪنڌڪوٽ پل جو ڪم چار مھيني کان بند ھيو ء ناقص سيڪورٽي ھجڻ ڪري ڪم بند ٿي ويو ھو سيڪورٽي سخت ڪرڻ سبب گھوٽڪي ڪنڌڪوٽ پل جو ڪم شروع ٿي ويو آهي ضلعي ڪشمور جي ڪچي ء آس وارن علائقن م پوليس آپريشن ھلندڙ آهي جنهن ۾ اي پي سي چين مشين زريعي گهر پڻ ڊاھا ويا آهن ھي آپريشن محمداڻي گينگ جي ڏوھارين خلاف ھلي رھيو آهي پوليس آپريشن جي دوران ڏوھارين جي ٺڪاڻن کي ڊاھي پٽ ڪيو ويو آهي ۽ ڪکاون گهرن کي پڻ ساڙيو ويو آهي آپريشن جي دوران ڪجھ شڪي ماڻهن کان پڇا ڳاڇا جاري آهي ھنن وڌيڪ چيو ته جيڪي به ڏوھاري آهن جيڪو ھٿيار ڦٽا ڪرڻ چاهي ٿو ته ڀلي اچي ھٿيار ڦٽا ڪري جيڪي به ڏوارين سان ملوث ھوندو ھوندو ان کي به بخش نه ڪيو ويندو
