ڪنڌڪوٽُ:غوثپور پوليس ٽيليفون جي ٽريسنگ ذريعي نوابشاه واسي عورت مديحه کي مبينه ڪچي جي ڏوھارين کان اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو

ڪنڌڪوٽ ڊسٽرڪٽ رپورٽر ،۔غوثپور پوليس ٽيليفون جي ٽريسنگ ذريعي نوابشاه واسي عورت مديحه کي مبينه ڪچي جي ڏوھارين کان اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو۔ ناري کي شادي بھاني گھرائي اغوا جو منصوبو جوڙيو ويو جيڪو ناڪام بڻايو ويو۔پوليس جي ذريعن کان وڌيڪ مليل ڄاڻ موجب نوابشاھ واسي بيواه عورت مديحه کي ڪچي جي جاگيراڻي گينگ جي مبينه ڏوھارين شادي جي آسري بھاني گھرائي مبينه اغوا جو منصوبو جوڙيو ھيو جنھن لا۽ ناري شام جو دير سان ڪوچ مان لھي ڪچي طرف وڃي رھي ھئي ته انڙ واھ ڀرسان قائم پوليس پڪٽ تي ويٺل اھلڪارن کيس ٽيليفون جي ٽريسنگ ذريعي روڪي ورتو ۽ کيس مبينه اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو۔ پوليس ناري کان پڇا ڳاڇا بعد کيس ڪنڌڪوٽ ايس ايس پي آفيس وڌيڪ جاچ لا۽ موڪلي ڇڏيو۔ ھنن ميڊيا کي ٻڌايو ته نار کان واقعي جا تفصيل معلوم ڪري رات ڪوچ ذريعي واپس نوابشاه موڪليو ويندو

پنھنجي راءِ لکو