ڪنڌڪوٽ ڊر ڪنڌڪوٽ ايس ايس پي عرفان سمون جي انفارميشن ٽيڪنالاجي جي مدد سان ڪراچي واسين کي اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو سيڪشن پوليس ڪارروائي / ڪراچي جي رهائشي 04 ڄڻن کي فيس بڪ تي دوستي ڪري شادي جي بهاني هرکجي اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو؛ڪراچي جي رهائشي 04 ڄڻن هر هڪ 1.محمد اختر سيال 2.محمد طفر ميوو 3.عبدالحميد مهر ۽ 4.امداد علي ڪاڪيپوٽو کي فيس بڪ تي دوستي ڪري شادي جي بهاني گهرائي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي
پوليس کي اطلاع ملڻ تي ايس ايڇ او بي سيڪشن ڪنڌڪوٽ عبدالقادر بنگوار ۽ سندس ٽيم جديد ٽيڪنالاجي جي مدد سان ڪامياب ناڪا بندي ڪندي الله والا چوڪ وٽان ڪاروائي ڪري چئني ڄڻن کي هرکجي اغوا ٿين کان بچائي ورتو
