ڪنڌڪوٽ :ايس يو پي پاران سکر۾ بي دردي سان قتل ڪيل اڳواڻ حسيب جوڻيجو جي قتل خلاف ظريت بجاراڻي. دلمراد ڏاھاڻي. فضل سبزوئي. شھنوازمرھيٽو

ڪنڌڪوٽ . ڊسٽرڪٽ رپورٽر
ايس يو پي پاران سکر۾ بي دردي سان قتل ڪيل اڳواڻ حسيب جوڻيجو جي قتل خلاف ظريت بجاراڻي. دلمراد ڏاھاڻي. فضل سبزوئي. شھنوازمرھيٽو. حاجي الطاف بنگوار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ايس يوپي آفيس کان پريس ڪلب تائين پلي ڪارڊ جھنڊا کڻي احتجاجي مظاھرو ڪري ملوث سمورن جوابدارن کي گرفتارڪرڻ جوبمطالبو ڪندي ھنن چيوته ايس ايس پي سکر مک قاتل کي گرفتار ڪيو آھي ۽ ٻين کي به گرفتار ڪري قانون جي ڪٽھڙي ۾ آڻي انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو جاري رھندو.

پنھنجي راءِ لکو