ڪنڌڪوٽ ڊسٽرڪٽ رپورٽر ، ٻھ ھفتا اڳ ڪرمپور ٿاڻي جي علائقي مڇي ٻنڊو انڊس تان اغوا ٿي ويل ڪنڌڪوٽ واسي مزده ڪلينر ظفر گولو کي شڪارپور ضلعي جي ناپرڪوٽ ٿاڻي جي ايس ايڇ او قربان ککراڻي ۽ ڳڙهي انچارج طارق احمد ڪلهوڙو پاران ڳڙھي تيغو جي ڏڪ بند ڀرسان ڏوهارين سان مبينا مقابلو ڪري مغوي ظفر گولو کي بازياب ڪرائي ورتو آهي۔ مغوي ظفر گولو کي هٿياربند ٻنهي پيرن ۾ گوليون هڻي اغوا ڪري ڪچي واري علائقي ۾ ڀنگ خاطر باندي بڻائي رکيو هو۔ پوليس جو چوڻ آهي ته ڳجهي اطلاع تي پنهنجي ٽيم ساڻ ڪري ڳڙهي تيغو جي ڪچي واري علائقي ڏڪ بند واري علائقي ۾ ڪارروائي ڪئي ته پوليس ۽ ڏوهارين وچم مقابلو ٿيو ۔ پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ هٿيار بند خوف مان مغوي ظفر گولو کي ڇڏي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا ۔ پوليس ذريعن چيو ته جلد ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو۔ ٻئي پاسي مغوي جي رھائي جو اطلاع ملڻ تي گھر ڀاتين ۾ خوشي جي لھر ڇانئجي ويئي
