ڪنڌڪوٽ :پيٽرول پمپ تي تيل ڏيڻ ويندڙ ٽينڪر جو ڊرائيور ۽ ڪلينر کي ھٿياربندن اغوا ڪري ورتو پوليس پاران اٺ ڪلاڪن ۾ ڊرامائي انداز ۾ ٻنھي جي خير شاهه مان مقابلي ۾ بازيابي جي دعويٰ

ڪنڌڪوٽ؛ ڪنڌڪوٽ پيٽرول پمپ تي تيل ڏيڻ ويندڙ ٽينڪر جو ڊرائيور ۽ ڪلينر کي ھٿياربندن اغوا ڪري ورتو پوليس پاران اٺ ڪلاڪن ۾ ڊرامائي انداز ۾ ٻنھي جي خير شاهه مان مقابلي ۾ بازيابي جي دعويٰ ڪو به ڏوھاري گرفتار نه ٿيو
خبر موجب؛ ڪنڌڪوٽ بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ پمپ تي تيل ڏيندڙ آئل ٽينڪر کي روڪي ھٿياربندن ڊرائيور محمد علي منگي ۽ ڪلينر قمرالدين پھوڙ کي اغوا ڪري کڻي ويا ڪجهه ھي ڪلاڪن ۾ ٻنھي ڄڻن کي خير شاهه جي علائقي مان ڊرامائي انداز ۾ بازياب ڪرائي ورتو پوليس پاران مقابلي ۾ بازيابي جي دعويٰ پڻ ڪئي وئي آهي انھي حوالي سان ايس ايس پي ترجمان موجب ٻنھي ڄڻن جي اغوا جي خبر تي ايس ايس پي عرفان سمون ضلعي جي نفري کي خير شاهه ۾ آپريشن جي ھدايت ڪئي پوليس آپريشن ڪري اٺن ڪلاڪن ۾ ٻنھي مغوين کي بازياب ڪري گاڏي به ھٿ ڪئي آهي ڏوھارين جي خلاف آپريشن پڻ جاري آهي ذريعن موجب ته پوليس پاران گذريل ڏينهن گرفتار ڪيلن کي ڊيل تحت آزاد ڪرڻ تي بازيابي عمل ۾ آئي آهي،

پنھنجي راءِ لکو