اسلام آباد: پاڪستان تحريڪ انصاف پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ شرڪت جو فيصلو ڪري ورتو پاڪستان تحريڪ انصاف جي ميمبرن جو پارليامينٽ لاجز ۾ اجلاس ٿيو جنهن ۾ پي ٽي آءِ سومر تي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ شرڪت جو فيصلو ڪري ورتو. ذريعن موجب پي ٽي آءِ جي 43 قومي اسيمبلي ميمبرن کي ڊي نوٽيفاءِ ڪرڻ جي اليڪشن ڪميشن جي فيصلي جي معطلي کان پوءِ عدالتي حڪم ملڻ جي صورت ۾ آئنده جو لائحه عمل ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو آهي پي ٽي آءِ ذريعن موجب ان سلسلي ۾ سموريون قانوني گهرجون پوريون ڪيون وينديون ۽ ميمبرن جو چوڻ آهي ته عدالتي حڪم مڃڻ کان اڳ پارليامينٽ اچڻ جو ڪوبه فائدو نه آهي. ان کان اڳ قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۽ اسپيڪر جي موقف کان پوءِ پي ٽي آءِ ميمبرن پنهنجو فيصلو تبديل ڪيو هو ۽ عدالتي فيصلي جي روشني ۾ ئي اسيمبلي وڃڻ جو فيصلو ڪيو
ذريعن موجب قومي اسيمبلي سيڪريٽريت عدالت پاران لکت ۾ حڪم نامي جاري ٿيڻ تائين پي ٽي آءِ ميمبرن کي اجلاس ۾ اچڻ کان روڪڻ جو چيو آهي. ذريعن موجب استعيفائن جو معاملو معطل ٿيڻ بجاءِ ڪالعدم ٿيو ته پي ٽي آءِ ميمبر قومي اسيمبلي ۾ واپس ايندا
