اسلام آباد: پاڪستان ۽ پاڙيسري ملڪن ۾ به وڏي زلزلي جا امڪان موجود آهن. پر ٽيڪنالاجي اڳڪٿي جي قابل نه آهي.
موسميات کاتي موجب ڏکڻ ترڪي ۾ 7.8 شدت جو تباهي آڻيندڙ زلزلو رڪارڊ ٿيو. سوشل ميڊيا ذريعي پاڪستان ۾ خوف حراس پکيڙيو ويو ته ساڳئي شدت جو زلزلو پاڪستان ۾ رڪارڊ ٿي سگهي ٿو، موسميات کاتي موجب 30 ريموٽ مانيٽرنگ اسٽيشنن تي ٻڌل پنهنجو سيسمڪ مانيٽرنگ نيٽ ورڪ هلائي رهيو آهي. روزاني ملڪ جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ايندڙ زلزلا رڪارڊ ٿي رهيا آهن جن جي شدت گهٽ ۽ وچولي درجي جي هوندي آهي اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته زلزلو هڪ قدرتي آفت آهي. پاڪستان ۽ ايران، افغانستان ۽ تاجڪستان جهڙن پاڙيسري ملڪن ڪيترائي مشاهدا پڻ ڪيا آهن. ماضي ۾ نقصان ڏيندڙ زلزلن وارن ملڪن ۾ پاڪستان به شامل رهيو آهي.
موسميات کاتي موجب سيسمڪ مانيٽرنگ نيٽ ورڪ روزاني 100 کان وڌيڪ زلزلا رڪارڊ ڪري رهيو آهي. ترڪي جي زلزلي ۽ پاڪستان وچ ۾ ڪوبه سائنسي تعلق نه آهي. ترڪي ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ڪوبه سڌو سنئون فالٽ لنڪ نه آهي پاڪستان، ايران يا افغانستان ۾ وڏي زلزلي اچڻ جو امڪان موجود آهي پر ڪڏهن ۽ ڪٿي ان جو اندازو موجوده ٽيڪنالاجي جي پهچ کان ٻاهر آهي.
