سکر:پوليس جي اهم وڏي ڪامياب ڪارروائي، چوويھ ڪلاڪن اندر ۾ ايف بي آر جي انڪم ٽيڪس اسسٽنٽ ڪمشنر شبير شيخ کي بازياب ڪرايو ويو

سکر(رپورٽ محمد قاسم ملڪ )پوليس جي اهم وڏي ڪامياب ڪارروائي، چوويھ ڪلاڪن اندر ۾ ايف بي آر جي انڪم ٽيڪس اسسٽنٽ ڪمشنر شبير شيخ کي بازياب ڪرايو ويو، ايس ايس پي سنگهار ملڪ موجب شڪارپور جي علائقي ٻيچاگي ۾ ڪارروائي دوران اسسٽنٽ ڪمشنر هٿ ڪيو ويو، ڪارروائي دوران 5 کان وڌيڪ شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو، جن کان پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي، ايس ايس پي سنگهار ملڪ دعويٰ ڪئي آهي ته ڪامياب آپريشن ڪيو ويو. ياد رهي ته اسسٽنٽ ڪمشنر کي گذريل اڱاري ڏينهن سکر نيو بس ٽرمينل ويجهو اغوا ڪيو ويو هو.

پنھنجي راءِ لکو