پشاور: خيبرپختونخواهه صوبي ۾ ضمني چونڊن دوران تحريڪ انصاف استعيفائون ڏيندڙ ميمبرن کي هڪ دفعو ٻيهر ميدان ۾ لاهي ڇڏيو.
قومي اسيمبلي جي خالي ٿيندڙ 8 سيٽن تي ضمني چونڊن ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن جي لسٽ جاري ڪئي وئي آهي جنهن ۾ پي ٽي آءِ استعيفائون ڏيندڙ ميمبرن کي ئي ميدان ۾ لاهي ڇڏيو جڏهن ته ٻين پارٽين به آزمايل اميدوارن کي ئي سامهون آندو آهي. ضلعي خيبر مان پيءُ، پٽ ۽ ڪوهاٽ مان چاچو ڀائيٽيو به ضمني ۾ چونڊن ۾ اميدوار آهن اليڪشن ڪميشن طرفان قومي اسيمبلي جي خالي ٿيندڙ 8 سيٽن تي ضمني چونڊون 18 مارچ تي ٿي رهيون آهن جنهن جي لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جو مرحلو مڪمل ٿيڻ کان پوءِ اميدوارن جي شروعاتي لسٽ جاري ڪئي وئي آهي. فهرست موجب اين اي 4 سوات مان 9 اميدوار، اي اين 38 ڊي آءِ خان مان 13، اين اي 17 هيريپور مان 9، اين اي 18 صوابي مان 11، اين اي 31 ڪوهاٽ مان 9، اين اي 25 نوشهره مان 9، اين اي 43 خيبر مان 10 اميدوار سامهون آيا آهن صوبي ۾ قومي اسيمبلي جي خالي سيٽن تي ضمني چونڊن ۾ تحريڪ انصاف پاران استعيفائون ڏيندڙ ميمبرن کي ٻيهر ميدان ۾ لاٿو ويو آهي جن ۾ مراد سعيد، اسد قيصر، پرويز خٽڪ، شهريار آفريدي، پير نورالحق قادري، عمر ايوب ۽ عمران خٽڪ شامل آهن جيڪي هڪ دفعو ٻيهر چونڊن ۾ حصو وٺي رهيا آهن شروعاتي فهرست موجب پرويز خٽڪ جي پٽ اسماعيل خٽڪ به نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن. قبائلي ضلعي خيبر مان پيءُ، پٽ شاهه جي گل آفريدي ۽ بلاول آفريدي به اميدوار آهن جڏهن ته ڪوهاٽ مان چاچو، ڀائيٽيو، بابر عباس آفريدي ۽ بابر عظيم آفريدي به اميدوار جي طور تي سامهون آيا آهن
