ڪراچي: سنڌ ۾ ٽئين ڪلاس جي ٻارن کي بنا امتحان پاس ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي: سنڌ جي تعليم کاتي جي اسٽيئرنگ ڪميٽي سموري سنڌ جي نجي تعلمي ادارن ۾ پهرين کان ٽئين ڪلاس جي ٻارن کي بنا امتحان جي ٻئي ڪلاس ۾ پروموٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي سنڌ جي تعليم کاتي جي اسٽيئرنگ ڪميٽي جو اجلاس اڄ خميس 9 فيبروري تي ڪراچي ۾ ٿيو. اجلاس ۾ تعليم کاتي سنڌ اسٽيئرنگ ڪميٽي طرفان نجي تعليمي ادارن کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن ڪميٽي موجب نجي تعليمي ادارن ۾ تعليمي سال پهرين آگسٽ کان شروع ڪيو ويندو. جڏهن ته پهرين کان ٽئين ڪلاس تائين جي ٻارن کي ٻئي ڪلاس ۾ پروموٽ ڪيو ويندو امتحانن جي حوالي سان ڪميٽي فيصلو ڪندي چيو آهي ته چوٿين کان اٺين ڪلاس جي شاگردن کان امتحان عيدالفطر کان پوءِ ورتا ويندا. تعليمي سال سمورن نجي اسڪولن ۾ پهرين آگسٽ کان شروع ڪيو ويندو ڊائريڪٽوريٽ آف پرائيويٽ اسڪولز طرفان ايڊيشنل ڊائريڪٽر کي هدايتنامو جاري ڪيو ويو آهي

پنھنجي راءِ لکو