لاهور:موجودا حڪمران ضياءَ الحق جي رستي تي هلڻ چاهين ٿا،فواد وچوڌري

لاهور: پي ٽي آءِ جي سينئر اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته چونڊن ۾ دير ڪري اهڙو آئيني بحران پيدا ڪيو پيو وڃي جنهن سان رياست لڏي وڃي سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ فواد چوڌري چيو ته آءِ ايم ايف سان معاهدو اڃا تائين حتمي شڪل اختيار ناهي ڪري سگهيو، ملڪ ۾ ناڻي جا ذخيرا ٽي بلين ڊالر کان گهٽ رهجي ويا آهن هن چيو ته ملڪ ۾ معاشي بحران سياسي بحران سبب پيدا ٿيو ۽ هاڻي اليڪشن ۾ دير سان اهڙو آئيني بحران پيدا ڪيو پيو وڃي، جنهن سان رياست لڏي ويندي فواد چوڌري وڌيڪ لکيو ته ملڪ جي عوام کي هاڻي عدليا مان ئي اميد آهي، هاڻي ڏسڻو آهي ته ملڪ ۾ اليڪشن ٿيندي يا قومي تحريڪ هلندي، موجوده حڪمران جنرل رٽائرڊ ضياءَ الحق جي رستي هلڻ چاهين ٿا

پنھنجي راءِ لکو