ٺڪراٺو : سنڌ ٽي وي نيوز نوابشاھ ڊويزن جي بيورو چيف ۽ جي ڊبليو سي جي مرڪزي صدر ذوالفقار خاصخيلي تي رپورٽنگ دوران شرپسند ھٿياربندن طرفان ٿيل حملي خلاف ٺڪراٺو جي قلمڪارن پاران ٺڪراٺو پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو,ڇتي نعري بازي ڪئي وئي جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪرڻ جي گهر ڪري ڇڏي،
ٺڪراٺو (رپورٽ عبدالغفارمهر) ٺڪراٺو ۾ صحافين جو سنڌ ٽي وي نيوز نوابشاھ ڊويزن جي بيورو چيف ۽ جي ڊبليو سي جي مرڪزي صدر نوابشاھ جي سينئر صحافي مٿان ٿيل حملي جي جوابدارن جي گرفتاري لا۽ احتجاج ذوالفقار خاصخيلي حق سچ لکڻ وارو صحافي آھي جنھن تي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا جلد جوابدار گرفتار ڪيا وڃن ٺڪراٺو پريس ڪلب آڏو صحافين سنڌ ٽي وي نوابشاھ ڊويزن جي بيورو چيف ۽ سينئر صحافي ذوالفقار خاصخيلي تي رپورٽنگ دوران شرپسند ھٿياربندن طرفان ٿيل حملي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو مظاهري دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي صحافين واجد سومرو ممتاز مهر حضرت گل پٺاڻ علي گوهر الهڏنو مهر ۽ ٻين چيو ته ذوالفقار خاصخيلي ۽ سندس ٽيم پنهنجي قلم ۽ ڪميرا وسيلي سدائين حق ۽ سچ جو آواز بلند ڪيو آهي جنھن تي گذريل ڏينهن نوابشاھ ۾ قبضا خور هٿياربندن سندس مٿان سڌي فائرنگ ڪئي جنهن ۾ هو معجزاڻي طور محفوظ رهيو صحافين جو چوڻ هو ته افسوس جهڙي ڳالهه اها آهي ته فائرنگ دوران نوابشاھ پوليس دهشتگردن کي پڪڙڻ بجا۽ سڄو تماشو ڏسندي رهي صحافين آئي جي سنڌ ۽ ايس ايس پي نواب شاھ امير سعود مگسي کان شرپسند ھٿياربندن کي فورن گرفتار ڪرڻ جي گُھر ڪئي.
