ٺڪراٺو : صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو جي ڀاءُ ڄام قادرداد خان ڌاريجو پريس ڪلب جي نئين باڊي کي مبارڪباد پيش ڪئي جنهن بعد ٺڪراٺو مبارڪپور ۾ پارٽي ورڪرن سان گڏجاڻيون ۽ تعزيتون
صوبائي وزير ايم پي اي ڄام اڪرام الله ڌاريجو جي ڀاءُ پ پ اڳواڻ ڄام قادرداد خان ڌاريجو ٺڪراٺو ۽ مبارڪپور جا دورا ڪري پارٽي ورڪرن سان گڏجاڻيون ۽ مختلف ھنڌن تي تعزيتون ڪيون پ پ اڳواڻ ڄام غلام قادر خان ڌاريجو پارٽي ورڪرن ۽ اڳواڻن حافظ رفيق احمد سومرو ميان عبدالقوي انڍڙ خالد حسين مھتم انعام سومرو جھان خان مھتم علي مدد مھتم عبيدالله مھتم صفدر جکراڻي ۽ ٻين سان گڏ پريس ڪلب پھچي نئين چونڊيل باڊي جي عھديدارن صدر واجد سومرو سينيئر نائب صدر ممتاز مھر نائب صدر لالڏنو مھتم ۽ جوائنٽ سيڪريٽري الھڏنو مھر کي اجرڪ اوڍائي مبارڪباد پيش ڪئي جنهن بعد ٺڪراٺو ۾ صحافي لعل ڏنو مھتم سان چاچي جي وفات ۽ ڳوٺ قابل مھتم ابراھيم مھتم سانوڻ سوڍڙو ۽ ٻين علائقن ربڏنو سوڍو سان ڀاءُ جي وفات تي تعزيتون ڪيون جھان خان مھتم جي چانھ پارٽي ۾ شرڪت ڪئي صحافين پاران ٺڪراٺو شهر جي بنيادي مسئلن جي سوالن تي ڳالهائيندي ڄام قادرداد خان ڌاريجو چيو ته صحافين ٺڪراٺو شھر جا بنيادي مسئلا افتتاح باوجود گئس جي فراھمي نه ٿيڻ روڊن رستن جي خراب صورتحال بي ايڇ يو سينٽر جي اپگريڊ نه ٿيڻ سميت ھائير سيڪنڊري ڪاليج ۾ عملي جي مقرري نه ٿيڻ بابت تفصيلي سوال ڪيا ويا جنھن تي ڄام قادر خان عوام کي يقين ڏياريو ته جلد حل ٿيڻ جوڳا مسئلا حل ڪري عوام کي سھولتون مھيا ڪيون وينديون.
