ٺڪراٺو ۾ شھرين ايس ايس پي سکر سنگھار ملڪ جي حق ۾ ريلي ڪڍي سکر پوليس جي حق ۾ نعريبازي ٺڪراٺو ۾ شھرين ايس ايس پي سکر سنگھار ملڪ جي حق ۾ ريلي ڪڍي شھر جو گشت ڪري سکر پوليس جي حق ۾ نعريبازي ڪئي وئي
ريلي ۾ شھر جي سياسي سماجي اڳواڻن عبيدالله مھتم ڪرم علي سومرو بسم الله مھر برادي منگي پھلوان سومرو امام ڏنو مھتم حبيب الله مھتم غلام علي مھر ۽ ٻين شرڪت ڪئي ريلي ۾ شريڪ اڳواڻن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو آھي ته ايس ايس پي سکر ضلعي اندر قتل اغوا چورين ۽ ڦرن جي وارداتن تي ڪنٽرول ڪرڻ لا۽ ڏينھن رات جاکوڙي رھيو آھي سکر ۾ 2 نوجوانن حسيب الله جوڻيجو ۽ جامي انڍڙ جي انڌي قتل ۾ ملوٽ قاتلن کي 24 ڪلاڪن اندر گرفتار ڪري عوام جي دل کٽي ورتي آھي ھنن چيو آھي ته ايس ايس پي سکر جي کنيل جرئتمنداني قدمن جي ساراھ ڪندي ساڻس ڀرپور ساٿ ڏيڻ جو وچن ڪيون ٿا
