ٺڪراٺو: ۾ عطائي ڊاڪٽرن جو راڄ 60 کان وڌيڪ عطائن شهر جي هر پاسي پنهنجا ڪوس گهر کولي ڇڏيا

ٺڪراٺو ۾ عطائي ڊاڪٽرن جو راڄ 60 کان وڌيڪ عطائن شهر جي هر پاسي پنهنجا ڪوس گهر کولي ڇڏيا ڪيتريون ئي انساني زندگيون داء تي لڳل عطائن پنهنجي ڪمائي کي ٻيڻو ڪرڻ لاء پاڻ سان گڏ جعلي ميڊيڪل اسٽور کولي ان تي مدي خارج ۽ ٻھ نمبر دوائون وڪرو ڪرڻ جو پڻ انڪشاف ٿيو آهي صحت کاتي ۽ هيلٿ ڪيئر پاران ڪيترا ئي ڀيرا ڇاپا هڻي عطائن جا دوڪان سيل ڪياآهن پر ٻئي ڏينهن ئي هو سرڪاري سيلون ٽوڙي ويهي ٿا رهن هتان جي سڄاڻ ڌرين پاران صحت کاتي کي فوري طورنوٽيس وٺي ڪري عطائن خلاف مثبت ڪارروائي ڪرڻ جي گهر ڪري ڇڏي
ٺڪراٺو ( رپورٽ ) ٺڪراٺي شھر ۾ عطائي ڊاڪٽرن ديرا ڄمائي ڇڏيا شھر جي مختلف بازارن محلن ۽ گھٽين ۾ 60 کان وڌيڪ غير قانوني ڪلينڪون کليل عطائي ڊاڪٽرن اٻوجھ عوام کي ٻنھي ھٿن سان ڦرڻ لاء پنھنجا بغير لائسنس جعلي ميڊيڪل اسٽور بہ کولي ڇڏيا جن تي جانورن وارا وائل ۽ ٻيون انساني صحت لاء ھاڃيڪار دوائون سريعام وڪرو ڪرڻ لڳا عدالتي حڪم باوجود بہ صحت کاتي سکر توڙي ھيلٿ ڪيئر ڪميشن عطائي ڊاڪٽرن خلاف ڪا بہ ڪارروائي نه ڪئي جنھن ڪري عطائي ڊاڪٽرن جي انگ ۾ گھٽتائي بجا ڏينھون ڏينھن اضافو ٿيڻ لڳو سيکڙاٽ عطائي ڊاڪٽرن جي غلط علاج سبب ڪيتريون ئي انساني زندگي داء تي لڳل عطائي ڊاڪٽرن اٻوجھ ماڻھون ڦري ناس ڪري ڇڏيو شھرين جي ڪافي ڀيرا احتجاجن باوجود صحت کاتي سکر عطائي ڊاڪٽرن خلاف ڪا بہ ڪاروائي نہ ڪئي جنھن ڪري ڪيترائي ماڻھون موزي مرضن ۾ وڪوڙجي ويا سماج سڌارڪ شھرين صحت جي صوبائي وزير ء سيڪريٽري صحت کان مطالبو ڪندي چيو تہ عطائي ڊاڪٽرن خلاف ڪا موئثر ڪارروائي ڪري شھر مان انهن جو خاتمو آندو وڃي

پنھنجي راءِ لکو