ڪنڌڪوٽ ڊسٽرڪٽ رپورٽر ،گڊو ۾ سيد برادري ۽ ڀرچونڊي وارن ۾ اڏي جي مامري ته ڇڪتاڻ وڌي وئي، ميان ڀرچونڊي شريف وارا 3 جيپون ۽ ڪارون ڀري جديد هٿيارن سان گڊو پهچي ويا گڊو ۾ ڇڪتان وڌي وئي، گڊو جي سيد برادري به هٿيار کڻي پهچي وئي، جهيڙو وڌڻ جو خدشو، گڊو پوليس اطلاع ملندي ئي واقعي وري هنڌ شهنشاه محله پهچي وئي، گڊو ٿاڻي جي ايس ايڇ او ميان ڀرچونڊي وارن کي منٿ ميڙ ڪندو رھيو ان موقعي تي سيد ممتاز شاه ٻڌايو ته گذريل 4 سالن کان اسان جو ديرا موڙ کان سکر براستج سي پيڪ روٽ هلي رهيو آهي جنهن ٿي ڪجه وقت پهريان نه ميان وارن اسان ڪي گهرن تي حملو ڪري فائرنگ ڪئي هئي ۽ اسان جي ديرا موڙ جي اڏي تي قبضو ڪيو هو، جنهن جو ڪورٽ ۾ ڪيس به هلندڙ آهي اسين گڊو مان ٽرانسپورٽ هلائي رهيا هياسين ته اڄ ٻيهر گڊو ۾ هٿيار کڻي جهيڙو ڪرڻ آيا هئا اسين شريف شهري آهيون اسان جهيڙو نٿا چاهيون، هن مامري بابت ڪيترائي ڀيرا ايس ايس پي ڪشمور ۽ تر ني معززين وٽ به ويا آهيون ڪو به مامري جي حل ۾ تعاون نٿو ڪري اسين وس وارن کي اپيل ڪيون ٿا ته مامري جو نوٽيس وٺي اسان سان انصاف ڪيو وڃي، جهيڙي جي صورت ۾ جاني نقصان هي سگهي ٿو جنهن جي ذميوار انتظاميا هوندي جڏھن ته ھن محل تائين فائرنگ وارو سلسلو جاري آھي
