ڪنڌڪوٽ:ڳوٺ مولوي دڙو واسي ڳوٺاڻي حاجي ميهر علي ڇڄڻ کان موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن جي موٽرسائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش

ڪنڌڪوٽ ڊسٽرڪٽ رپورٽر ،بڊاڻي ۾ بدامني تي ظابطو نه آيو
بڊاڻي ويجهو مياڻي ٿاڻي جي حد ڳوٺ مولوي دڙو واسي ڳوٺاڻي حاجي ميهر علي ڇڄڻ کان موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن جي موٽرسائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش مزاحمت تي هٿياربند ڳوٺاڻي کي تشدد جو نشانو بڻائڻ بعد فرار ٿي ويا
ڳوٺاڻن پاران مياڻي ٿاڻي اندر احتجاجي مظاهرو ڪيو, ان موقعي تي حاجي ميهر علي ڇڄڻ, پهلوان,ڇڄڻ گامڻ خان ڇڄڻ حاجي سلمان ڇڄڻ جو چوڻ هو ته علائقي واسي ڏينهن جو به غير محفوظ بڻيل آهيون گهرن کان ٻاهر نڪرڻ به مشڪل بڻجي ويو آهي,مياڻي پوليس امن امان ڪرائڻ ۾ ناڪام بڻيل آهي,هٿياربندن جا نالا ڏيڻ باوجود به مياڻي پوليس ڪابه ڪارروائي نه ٿي ڪري ,ڦر ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ روڊ بلاڪ ڪيو ويندو

پنھنجي راءِ لکو