ڪنڌڪوٽ ڊر؛ ڪنڌڪوٽ انسانيت جي موڪلاڻي بنگوار ۽ کوسا برادري جي سڱاوتي تڪرار سبب بنگوار برادري جي ھٿياربندن کوسا برادري جي ڳوڙھاري عورت کي ٻن ورھين جي معصوم نياڻي سميت اغوا ڪري ويا پوليس ڪجھہ نه ڪري سگهي کوسا برادري جو واقعي خلاف انڊس ھاءِ وي تي احتجاجي ڌرڻو ٽريفڪ معطل پوليس ڪاروائي ڪرڻ بدران احتجاج ختم ڪرائڻ تائين رڌل آهي
خبر موجب؛ ڪنڌڪوٽ لڳ خير شاھہ روڊ تي شھر کان ڳوٺ واپس موٽر سائيڪل سوار کوسا برادري جي امتياز کوسو سندس ڀيڻ ڳوڙھاري نازيا بي بي زال ايف سي اھلڪار سخي احمد کوسو ۽ ٻن ورھين جي معصوم ڪوثر کي رستي ۾ ٻن موٽر سائيڪلن تي سوار ھٿياربندن روڪي عورت ۽ سندس معصوم ڌي کي اغوا ڪري ويا مزاحمت ڪرڻ تي امتياز کوسو تي تشدد ڪري مٿان گولي فائر ڪري مارڻ جي ڪوشش ڪئي ڳوڙھاري عورت ۽ معصوم نياڻي کي اغوا ڪري ھٿياربند ڀڄي ويا اھڙي واقعي جي جلدي ۾ پوليس کي اطلاع ڏيڻ جي باوجود پوليس ھمت ۽ دليري جو مظاھرو نه ڪيو جنهن ڪري اغوا ڪار فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا اھڙي واقعي جي خلاف اغوا ٿيل عورت جي وارثن راڻو اسٽاف لڳ انڊس ھاءِ وي تي ڌرڻو ھڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو روڊ بلاڪ ٿيڻ ڪري سنڌ کان ٻين صوبن ڏي ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي روڊ جي ٻنھي پاسي کان گاڏين جون قطارون لڳي ويون پوليس اغوا ڪندڙن جي خلاف ڪاروائي ڪرڻ بدران بند ٿيل روڊ کولرائڻ ڊي ايس پي سميت عملدار پھچي ڪري کوسا برادري کي روڊ کولڻ جي ميڙ منٿ ڪندا رھيا پر مظلوم کوسا برادري جي معززين پوليس اڳيان مطالبا رکيا ته فوري اغوا ٿيل عورت ۽ معصوم نينگري کي بازياب ڪرائي جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف فراھم ڪيو وڃي،
،،،،،،،،،،
