ڪنڌڪوٽ :جي ڊبليو سي) جي مرڪزي صدر سنڌ ٽي وي نواب شاھ جي بهادر صحافي ذوالفقار علي خاصخيلي تي ھٿياربندن پاران ڪيل حملي خلاف،احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو

ڪنڌڪوٽ ( رپورٽ عبدالخالق چاچڙ ) (جي ڊبليو سي) جي مرڪزي صدر سنڌ ٽي وي نواب شاھ جي بهادر صحافي ذوالفقار علي خاصخيلي تي ھٿياربندن پاران ڪيل حملي خلاف ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ڪنڌڪوٽ جي ڊسٽرڪٽ رپورٽر سنڌ ٽي وي نيوز جي بقا محمد بنگوار ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو ۽ سخت نعريبازي ڪئي وئي.ان موقعي تي پريس ڪلب جي صدر مسعود عالم سومرو جنرل سيڪٽريري پير بخش بنگوار بقا محمد بنگوار علي حسن ملڪ لياقت کوسو حفيظ ملڪ غلام ياسين لاشاري عبدالخالق چاچڙ راجا گوپي چند سليم ميراڻي فخر بلوچ علي اڪبر بنگوار احمد مغل حضوربخش منگي عبدالغفار منگي نصير منگي ۽ ٻين صحافين ڳالھائيندي چيو ته حق ۽ سچ جي آواز کي ڪير به دٻائي نٿو سگھي. جي ڊبليو سي جي مرڪزي صدر، سنڌ ٽي وي نيوز جي بيورو چيف، ھر موڙ تي ميدان عمل ۾ رهندڙ، مظلومن ۽ صحافين جو برجھلو، مظلومن ۽ صحافين جي ھر سڏ ۾ سڏ ڏيندڙ محترم ذوالفقار علي خاصخيلي تي ڪوريج دوارن ٿيل حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا. ھنن اعلي ا. اختيارين کان مطالبو ڪيو ته صحافي ذوالفقار علي خاصخيلي تي حملو ڪندڙن کي فل فور گرفتار ڪيو وڃي.ٻي صورت ۾ سڄي سنڌ ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

پنھنجي راءِ لکو