اسلام آباد: پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان خواجه آصف جي توهين واري ڪيس ۾ اعتراف ڪيو آهي ته شوڪت خاتم کي ملندڙ امداد مان 3 ملين ڊالرز جي سرمائيڪاري 2008 ۾ ڪئي هئي جيڪا 2015 ۾ شوڪت خانم کي واپس ڏني وئي اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ عمران خان طرفان خواجه آصف جي توهين واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين وڊيو لنڪ ذريعي عدالت ۾ پيش ٿيو ٻڌڻي دوران وڪيل علي شاهه گيلاني عمران خان تي جرح شروع ڪئي جنهن ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين بيان ڏيندي چيو ته اها ڳالهه صحيح آهي ته 3 ملين ڊالرز جي سرمائيڪاري 2008 ۾ ڪئي وئي هئي ۽ اها سرمائيڪاري واري رقم 2015 ۾ شوڪت خانم کي واپس ڏني وئي هئي
عمران خان چيو ته 3 ملين ڊالرز جي رقم 7 سال ايڇ بي جي گروپ وٽ رهي جنهن جو چيف ايگزيڪٽو امتياز حيدري آهي ۽ امتياز حيدري ان ڪميٽي ۾ شامل هو جنهن 3 ملين ڊالرز جي رقم جي سرمائيڪاري ڪرڻ جي لاءِ منظور ڪئي. 3 ملين ڊالرز جي سرمائيڪاري امتياز حيدري ذاتي فائدو حاصل ڪرڻ جي لاءِ منظور ناهي ڪئي. بورڊ ميٽنگز ۾ ان سرمائيڪاري بابت ڳالهه ٿي هئي پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته جڏهن خواجه آصف کي نوٽيس اماڻيو هو ته ان وقت سرمائيڪاري جي رقم واپس نه آئي هئي. 18 سالن کان امتياز حيدري شوڪت خانم اسپتال جو ڊونرز آهي. مون کي خبر ناهي ته امتياز حيدري پي ٽي آءِ جو ڊونرز به هو يا نه. مون امتياز حيدري جي ڪردار جي حوالي سان عدالت کي گمراهه ناهي ڪيو
