سکر: پنوعاقل جي رهواسڻ رمشا پنهيار سکر نيشنل پريس ڪلب پنهنجي وڪيل سان گڏ مڙس خلاف دائيندي،

سکر(رپورٽ محمد قاسم ملڪ )پنوعاقل جي رهواسڻ رمشا پنهيار سکر نيشنل پريس ڪلب پنهنجي وڪيل سان گڏ مڙس خلاف دائيندي، سکر جي پنوعاقل واري علائقي جي رهواسي نوجوان عورت رمشا پنهار پنهنجي اڳوڻي مڙس اطهر شاهه ۽ سسر مظهر علي شاهه خلاف ٿاڻي بي سيڪشن ٿاڻي تي ايف آءِ آر داخل ڪرائي ڇڏي آهي،رمشا پنهيار پنهنجي وڪيل صباح عروج سان گڏ سکر نيشنل پريس ڪلب پهچي الزام هڻندي چيو آهي ته منهنجي مڙس اطهر شاھ شادي کان پوءِ مون کان ٻھ ڪروڙ رپيا ڊمانڊ ڪئي هئي، پيسا نه ڏيڻ تي مونکي طلاق ڏني اٿس، ۽ هاڻي معصوم ٻار کي رکڻ لاءِ ڏھ لک رپيا چئي رهيو آهي، ان ڪري هاڻي ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن ته ڌيءَ کي اغوا ڪري ويندس. ٻئي طرف اطهر شاهه اڳ ۾ ئي بيان ڏئي چڪو آهي ته مون رمشا پنهيار سان قانوني طور شادي ڪئي ۽ بعد ۾ کيس قانوني طريقي سان طلاق ڏني، هو پنهنجي ڌيءَ جي حوالگي لاءِ عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي، درخواست واپس وٺڻ لاءِ رمشا پنهيار مون تي ڪوڙو الزام هڻي مون کي بي انصافي سان تنگ ڪري رهي آهي.

پنھنجي راءِ لکو