ڪراچي :۾ ڌرڻو روڪڻ لاءِ پيپلز پارٽي جي ايم ڪيو ايم اڳواڻن سان اهم ملاقات

ڪراچي: پاڪستان پيپلز پارٽي ڪراچي ۾ ڌرڻو روڪڻ لاءِ ايم ڪيو ايم اڳواڻن سان اهم ملاقات ڪئي آهي، رپورٽ موجب پاڪستان پيپلز پارٽي ڪراچي ۾ آچر جي ڏينهن فواره چوڪ تي ايم ڪيو ايم جي ڌرڻي کي روڪڻ جون ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون آهن، ان سلسلي ۾ صوبائي وزير ناصر حسين شاهه ايم ڪيو ايم قيادت سان رابطو ڪيو ۽ پنهنجي رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي جنهن ۾ مختلف معاملن تي ڳالهيون ٿيون ذريعن موجب ايم ڪيو ايم جي مطالبن تي پيپلز پارٽي جي اڳواڻن وقت گهري ورتو، ملاقات ۾ ايم ڪيو ايم پاڪستان جو سينئر ڊپٽي ڪنوينر مصطفيٰ ڪمال، فاروق ستار، امين الحق ۽ خواجه اظهارالحسن موجود هئا. ملاقات ۾ پيپلز پارٽي جي اڳواڻن ۾ صوبائي وزير ناصر حسين شاهه، مرتضيٰ وهاب ۽ سعيد غني شامل هئا ملاقات دوران ايم ڪيو ايم ڪراچي ۾ 53 يوسيز جي واڌ ڪرڻ ۽ حيدرآباد ۾ ڏوراهين علائقن کي شهري علائقن ۾ شامل ڪرڻ تي خدشن جو اظهار ڪيو جنهن تي پيپلز پارٽي مطالبا پورا ڪرڻ جو يقين ڏياريو. ايم ڪيو ايم ڌرڻو ختم ڪرڻ لاءِ شرطون رکي ڇڏيون ۽ چيو ته 53 يوسيز جو اضافو ڪيو وڃي ۽ حيدرآباد مان ڏوراهين علائقن جي يوسين کي ختم ڪيو وڃي.
ذريعن موجب پيپلز پارٽي ايم ڪيو ايم قيادت کان جواب جي لاءِ سڀاڻي تائين وقت گهري ورتو. متحده جي مطالبي تي سڀاڻي پيپلز پارٽي پنهنجي اعليٰ قيادت کي آگاهه ڪري جواب ڏيندي. جڏهن ته ايم ڪيو ايم پاڪستان اڃان تائين آچر جي ڏينهن ڌرڻي جي فيصلي تي قائم آهي. ٿيندڙ ملاقات بنا ڪنهن نتيجي جي ختم ٿي وئي

پنھنجي راءِ لکو