ڪنڌڪوٽ:ڪرمپور پوليس جي مبينا فائرنگ ۾ تنگواڻي جي صحافي محمد عظيم جعفري جو نوجوان ڀاء غلام حسين جعفري زخمي ٿي پيو

ڪنڌڪوٽ رپورٽ عبدالخالق چاچڙ ،ڪرمپور پوليس جي مبينا فائرنگ ۾ تنگواڻي جي صحافي محمد عظيم جعفري جو نوجوان ڀاء غلام حسين جعفري زخمي ٿي پيو
زخمي نوجوان کي پوليس اسپتال منتقل ڪيو, نوجوان زخمن جا سور نه سهندي سکر اسپتال ۾ فوت,جعفري برادري جي سوين ماڻهن ڪرمپور ٿاڻي آڏو گڏ ٿي ويا, جعفري برادري جي مڇريل ماڻهن الزام هڻندي ميڊيا کي ٻڌايو ته اسان جا 2 نوجوان غلام حسين جعفري, عبدالجبار جعفري ۽ هڪ نينگر سانگهڙ کان موٽرسائيڪل ذريعي ڳوٺ محمد امين جعفري اچي رهيا هئا ته ڪرمپور ڀرسان شبيرآباد ٿاڻي جي حد مانڌاڻي پوليس چوڪي وٽ موٽرسائيڪل نه روڪڻ تان پوليس فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ نوجوان غلام حسين جعفري شديد زخمي ٿي پيو , پوليس زخمي نوجوان کي پاڻ سان گڏ کڻي وئي,هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ڪرمپور پوليس ٻڌايو ته ڏوهارين جي اطلاع تي پوليس پارٽي علائقي ۾ لڳل هئي, پوليس ۽ ڏوهارين ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي, خبر نه آهي ڪنهن جي نوجوان کي گولي لڳي, پوليس موقعي تان نوجوان کي علاج لاء اسپتال منتقل ڪيو ۽ نوجوان فوت ٿي ويو, ٻئي طرف وارثن جو چوڻ آھي تھ پوليس بنا جواز اسان جي نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ پنھنجي جان آجي ڪرائڻ لاء مقابلي جو ڪوڙو ڊرامو رچائي رھي آھي اسان ڊي آء جي ـ آء جي سنڌ صوبائي وزير مير شبير علي خان بجاراڻي کان مطالبو ڪريون ٿا نوجوان جي قتل ۾ ملوث ڪارين رڍن کي گرفت ۾ آڻي اسان سان انصاف ڪيو وڃي ٻي طرف اھڙي واقعي بعد ڳوٺ ۾ مايوسي واري لھر پکڙجي وئي ۽ ھر اک آلي ٿي وئي

پنھنجي راءِ لکو