سکر(رپورٽ محمد قاسم ملڪ )نيشنل پريس ڪلب سکر آڏو آئي، بي، اي، ٽيسٽ پاس اميدوارن پاران احتجاج، تفصيل موجب آئي بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن محمد عرفان سومرو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪندي نعري بازي ڪئي مظاھري ۾ شامل مصطفي حسن سومرو، عرفان سومرو، شھزادو ميمڻ حماد الله سيٺار ، مجيب الرحمن ٻرڙو ، سجاد حسين ميراڻي ، وقاص ميمڻ جن جو چوڻ ھو، ٻٽي پاليسي هرگز قبول نه ڪنداسين هن سندھ حڪومت جي ٻٽي پاليسين جي ڪري مشڪلات اچي ٿي 33 کان 39 مارڪون کڻندڙ استادن کي نظر انداز نه ڪيو پيو وڃي، اسان انتظاميا کان مطالبو ڪيون ٿا ته اوور آل 33 کان 39 وارن استادن کي پاس ڪري نوجوانن جي بيچيني ختم ڪئي وڃي.
