ڪنڌڪوٽ:الخدمت فائونڊيشن پاران ڪنڌڪوٽ ۾ 400 ٻوڏ متاثرن الخدمت بنا ڪنهن فرق جي ڏکايل انسانيت جي خدمت ڪرڻ تي يقين رکي ٿي

ڪنڌڪوٽ ڊسٽرڪٽ رپورٽر ،الخدمت فائونڊيشن پاران ڪنڌڪوٽ ۾ 400 ٻوڏ متاثرن الخدمت بنا ڪنهن فرق جي ڏکايل انسانيت جي خدمت ڪرڻ تي يقين رکي ٿي: الياس چنا ،تفصيل موجب الخدمت فائونڊيشن ضلعي ڪشمور پاران هارا اسڪول ڪنڌڪوٽ ۾ 400 ٻوڏ متاثر غريب خاندانن جي مدد ڪئي وئي. ان موقعي تي الخدمت فائونڊيشن ڪشمور جي ضلعي جنرل سيڪريٽري الياس نور چنا خطاب ڪندي چيو ته الخدمت فائونڊيشن بغير ڪنهن فرق جي ڏکايل انسانيت جي خدمت ڪري پنهنجو فرض نڀائي رهي آهي ۽ تازو برساتن ۾ آيل ٻوڏ ۾ متاثرن جي مدد ڪئي وئي آهي. الخدمت پنهنجي قيام کان وٺي پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهي آهي ۽ هن وقت تائين سڄي ضلعي مان هزارين متاثرين الخدمت مان فائدو حاصل ڪري چڪا آهن ۽ خدمت جو اهو سلسلو مستقبل ۾ به جاري رهندو.

پنھنجي راءِ لکو