لاهور: ريلوي واري وفاقي وزير خواجه سعد رفيق چيو آهي ته ٽرين ذريعي هر مهيني 30 هزار ٽن چانور ايران موڪلڻ جو معاهدو مڪمل ٿيڻ جي ويجهو آهي لاهور ۾ خواجا سعد رفيق جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ قراقرم ايڪسپريس، ڪراچي ايڪسپريس ۽ پاڪ بزنس ايڪسپريس کي 120 ڏينهن اندر اپ گريڊ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو خواجا سعد رفيق چيو ته خيبر ميل ۽ جعفر ايڪسپريس جي بهتر سار سنڀال به ڪئي ويندي جاري ڪيل پڌرائي موجب ڊرائي پورٽس جي آمدني 2 ارب رپين تائين کڻڻ جو ٽاسڪ ڏنو ويو آهي، ان کان علاوه بلوچستان ۾ ٻوڏ متاثر هاڪڙي پل جي بحالي تي اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ لاءِ چيو ويو آهي پڌرنامي ۾ چيو ويو ته سبي ۽ تفتان ريلوي اسٽيشنن جي اپ گريڊيشن لاءِ پلان تيار ڪيو وڃي ۽ ڪوئيٽا ۽ زاهدان وچ ۾ مال بردار سفري وقت ۾ گهٽتائي لاءِ حڪمت عملي تيار ڪرڻ جو به مطالبو ڪيو ويو
