ڪنڌڪوٽ (رپورٽ عبدالخالق چاچڙ )ڪنڌڪوٽ مان اغوا ٿيل ماء ۽ سندن جي ٻارڙي کي پوليس بازياب نه ڪرائي سگھي آهي پوليس خلاف وارث ۽ کوسا برادري سراپا احتجاج بڻجي وئي ـ عورت ۽ ٻارڙي کي اغوا ڪرڻ واري واقعي خلاف ڪنڌڪوٽ ۾ کوسا برادري جي چڱي مڙس بشير احمد کوسو جي رھائش گاھ تي کوسا برادري پاران ڪٺ ڪوٺايو ويو جنهن ۾ کوسا برادري جي ماڻھن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ـ ڪوٺايل ۾ عورت ۽ ٻارڙي کي جلد بازياب ڪرائي ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو ٻئي صورت ڀرپور نموني احتجاج جو چتاء ڏنو ويو آهي ـ ان موقعي تي سردار سخي عبدالرزاق خان کوسو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضلعو پوليس انتظاميا ۽ نئين آيل ايس ايس پي عرفان سمون جي نااھلي سبب بدامني جي ور چڙھيل آهي ـ پوليس امن امان قائم ڪرائڻ ۾ مڪمل ناڪام نظر اچي رھي آهي ڪنڌڪوٽ ۾ ھر روز ڦر اغوا قتل ۽ عورتن سميت ٻارڙن کي اغوا ڪري انهن کان ڦر جا واقعا سامھون اچڻ شرم جوڳو عمل آهي ـ ھن چيو ته بنگوار برادري جي ڌر سان اڳ ۾ تڪرار ھلندڙ ھو انهن ظلم جي انتھا ڪندي ڪجھ ڏينهن اڳ رسالدار جي علائقي 27 ميل وٽان اسان جي عورت نازيا ۽ ان جي معصوم نياڻي ڪوثر کوسو کي اغوا ڪري ويا آهن جنهن جي جيتري مذمت ڪجي گھٽ آهي ـ اھڙي واقعي کان پوء پوليس ڪا به ڪاروائي ناهي ڪئي ـ سخي عبدالرزاق کوسي وڌيڪ چيو ته ضلعي ۾ وڌندڙ بدامني جي ڪري جتي ننگ محفوظ نه ھجن اتي چونڊيل نمائندن جي مجرماڻا خاموشي ڪيترائي سوال اٿاري ڇڏيا آهن ـ اھڙن چونڊيل نمائندن جو گھيراء ڪرڻ گھرجي جيڪي اسان جي ووٽ ڪامياب تي ايوانن ۾ اچن ٿا ۽ ڏکي وقت گم ٿي وڃن ٿا ـ ايندڙ وقت ۾ ووٽ جو صحيح استعمال ڪيو ويندو ـ کوسا قوم سان ڪنهن به قسم جي ذيادتي برداشت نه ڪئي ويندي اسين متاثر ڌر سان ھر ھنڌ گڏ آھيون ـ ھن چيو ته جيڪڏهن عورت ۽ ٻارڙي کي جلد بازياب ڪرائي جوابدار گرفتار نه ڪيا ويا ته ڀرپور نموني احتجاج جو سڏ ڏنو ويندو ـ
